عامل ذات

عامل (ذات): عربي لفظ ‘عامل’ جي معنيٰ آهي، عمل ڪرڻ وارو، حاڪم، تحصيلدار، ‘عامل’ پنجاب کان لڏي آيل کتري هئا، جن کي لالا ۽ عامل چون ٿا (بحواله: جامع سنڌي لغات)، ڇاڪاڻ ته هي لکپڙهه ۽ منشيءَ جو ڪم ڪندا هئا. سنڌ جي هندن ۾ هي تمام پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ رهڻ ڪري اثر رکندڙ رهيا آهن. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي تعداد ۾ هئڻ ڪري سندن الڳ عاملن جا پاڙا ٺهيل هئا. سيوهڻ ۽ خدا آباد جا عامل پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو